تڙ خواجا

تڙ خواجا: هيءُ ضلعي ٺٽي جي تعلقي جاتيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آهي. هتي اسماعيلي خواجه آباد آهن. هي قديم گونگڙي واهه جي ڪپ تي آباد آهي، انهيءَ ڪري قديم وقت کان ”تڙ“ سڏجي ٿو. هي ڳوٺ باغن جي ڪري به مشهور آهي. هت ڪمند، انب ۽ بڪرُ جام ٿيندو آهي. مومل جي پيءُ راجا نند جي ڪوٽ جا دڙا هتان پنج ميل پري، اوڀر ۾، کارڙي درياهه جي ڪپ تي آهن. هن وقت هي ڳوٺ پڃاري واهه جي ڪپ تي آهي. هن ڳوٺ جي آبادي 2000 کان وڌيڪ آهي. خواندگيءَ جي شرح 100 سيڪڙو آهي. هن ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ آغاخان مئٽرنٽي هوم به موجود آهي. معروف محقق، تعليمدان ۽ لسانيات جو ماهر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، اصل هن ڳوٺ جو آهي .


لفظ تڙ خواجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو